جمال الدين لانگاهه

جمال الدين لانگاهه: جمال الدين ولد عزيز الله لانگاهه 15 جون 1954ع تي ڳوٺ خان پنهور'>آدم خان پنهور تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو. پنهنجي ڳوٺ ۽ جيڪب آباد جي علمي ادارن کان تعليم حاصل ڪندي 1985ع ۾ بي. اي پاس ڪيائين. هي هڪ صحافي، فنڪار ۽ سماجي ورڪر آهي. 1979ع ۾ هو ’نواءِ انقلاب‘ ۽ روزانه ’آفتاب‘ جي نمائندي جي حيثيت سان صحافت ۾ آيو. 1992ع ڌاري پنهنجي اخبار هفت روزه ’امداد‘ جيڪب آباد کان جاري ڪيائين. هڪ فنڪار جي حيثيت سان ’گهڙو‘ تمام سٺو وڄائي ٿو ۽ ٽي. وي جي ڪجهه پروگرامن ۾ به شريڪ ٿيو آهي. هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان هو ’شهري اتحادجيڪب آباد ’لانگو‘ ويلفيئر ائسوسيئيشن ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.06.15  عيسوي

جمال الدين ولد عزيز الله لانگاهه 15 جون 1954ع تي ڳوٺ آدم خان پنهور تعلقي جيڪب آباد ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مولا بخش ڀٽو
شبير تابش
عبدالرحيم صابر
الطاف حسين قريشي
حيات بلوچ
حيدري نذير حسين
درس عبدالغني
اسلم خواجا
حميد هارون
جاويد ڀٽي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون